ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس کسيل ۽ گم ٿيل گاڏين کانسواءِ جوابدارن جو رڪارڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيٽا بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سنڌ پوليس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ چوري، گم ٿيل ۽ کسيل گاڏين جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چوري ٿيل سامان جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث اسڪريپ ڊيلرز خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.
ترجمان موجب کسيل ۽ گم ٿيل گاڏين کانسواءِ جوابدارن جو رڪارڊ جوڙڻ لاءِ ڊيٽا بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ سي پي ايل سي، پوليس، اسپيشل برانچ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ڊيٽا ايپ ۾ داخل ڪئي ويندي.
You might also like