سياري جي موسم ۾ پنهنجو پاڻ کي گرم رکڻ انتهائي ضروري هوندو آهي ٻئي صورت ۾ ٿڌ لڳڻ ۽ ٻين بيمارين جا خطرا هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي ماڻهو گرم ڪپڙن ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل بوٽ ۽ جورابن جو استعمال ڪندا آهن اهو ته صحت جي لاءِ تمام بهتر آهي پر ڪيترن ئي ماڻهن کي جورابا پائي ننڊ ڪرڻ جي عادت هوندي آهي جيڪا عادت ڪيتري خطرناڪ هوندي ان جو ڪنهن به اندازو ناهي هوندو.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان رات جو سمهڻ وقت جورابن جو استعمال ڪيو ٿا ته اهو انهتائي نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته رات جو سمهڻ وقت جورابا پائڻ سان سُٺي ننڊ تي اثر پوندا آهن، اهو عمل توهان جي ننڊ واري عمل ۾ خلل وجهي سگهي ٿو جڏهن ته ان عمل سان بلڊ پريشر به وڌي ويندو آهي جيڪڏهن جورابا سخت ۽ تمام سوڙها هجن ته اهي چمڙي تي به انفيڪشن ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن جورابا توهان جي بلڊ پريشر وڌائڻ جو سبب بڻيا ته اهو دل جي صحت لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
تنهن باوجود به ٿوري دير تائين جورابا پائڻ سمهڻ ڪجهه ماهرن جي نظر ۾ ڪيترن ئي فائدن وارو به آهي، ان سان گڏ ماهرن رات جو سمهڻ وقت جورابا پائي سمهڻ لاءِ جورابن جي چونڊ تي به زور ڏنو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته سٺي معيار جا جورابا پائجن ته خطرن کان بچي سگهجي ٿو.