خبردار! گهر ۾ رکيل واءِ فاءِ رائوٽر خطرناڪ ٿي سگهي ٿو

اڄوڪي دور ۾ انٽرنيٽ جو استعمال هر ڪو ڪندو آهي، جنهن لاءِ واهپيدار پنهنجي گهرن ۾ واءِ فاءِ رائوٽر انسٽال ڪندا آهن ۽ هر وقت آساني سان انٽرنيٽ جو استعمال ڪندا آهن پر ڇا 24 ڪلاڪ واءِ فاءِ رائوٽر آن رکڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو؟
آمريڪي رياست فلوريڊا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت دعويٰ ڪئي آهي ته واءِ فاءِ رائوٽر سخت گرم ٿيڻ سان منهنجي گهر ۾ باهه لڳي وئي.
ڪيونا هنٽلي نالي عورت ٽڪ ٽاڪ ايپ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي گهر ۾ ٿيل نقصان کي ڏيکاريو.
سندس چوڻ هو ته باهه بيڊ روم ۾ لڳي، جتي رائوٽر موجود هو، کيس شڪ آهي ته باهه واءِ فاءِ جي رائوٽر سبب لڳي.
اختيارين طرفان ان حوالي سان جاچ جاري آهي ته باهه واقعي رائوٽر جي ڪري لڳي يا وري ڪو ٻيو ڪارڻ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.