اسلام آباد ڌرڻي جي ناڪامي، پي ٽي آءِ جو سياسي جماعتن سان رابطي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف قيادت اسلام آباد ڌرڻي جي ناڪامي کانپوءِ سياسي جماعتن سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ قيادت باني عمران خان جي هدايت تي سياسي جماعتن سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب عمران خان جي هدايت تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ به ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته اڳتي پارٽي جي سياسي معاملن ۾ غير سياسي ماڻهو فيصلو نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.