آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ معاملا هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن.
چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني، وينيو ۽ شيڊيول واري معاملي تي آءِ سي سي جو هنگامي اجلاس گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. آءِ سي سي، پي سي بي ۽ بي سي سي آءِ معاملي جو گڏجي حل ڪڍڻ واري نقطي تي اتفاق ڪيو.
آءِ سي سي ٽورنامينٽ بابت حتمي فيصلي لاءِ اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، پر هاڻي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي وينيو ۽ شيڊيول بابت پردي پٺيان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي،
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ اڄ رات يا وري سڀاڻي سڏائي سگهجي ٿي، اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ معاملا هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن.
You might also like