دبئي( ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني واري فيصلي بابت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو بورڊ اجلاس ملتوي ٿي ويو آهي.
گذريل ڏينهن چيمپيئنز ٽرافي جي وينيو بابت سڏايل آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو جنهن بعد اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو هو.
هاڻي آءِ سي سي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بورڊ اجلاس اڄ نه ٿيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي موقف تي قائم آهي جڏهن ته بي سي سي آءِ پاڪستان جي سخت موقف کانپوءِ وڌيڪ وقت گهريو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جي ملازمت جو مدو هڪ مهيني تائين وڌائڻ جو امڪان آهي.
آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جو مدو 30 نومبر ( اڄ ) تي پورو ٿي رهيو آهي ۽ پهرين ڊسمبر کان بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه کي آءِ سي سي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻو هو.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان ۾ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت اڄ آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ فيصلو ٿيڻو آهي.
You might also like