اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ 3 ڀيرا وفاق تي چڙهائي ڪئي پر حڪومت جو خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف احتجاج دوران اسلام آباد مان گرفتار پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا وڊيو بيان پيش ڪيا، جنهن ۾ گرفتار پي ٽي آءِ ڪارڪنن ٻڌايو ته کين پيسا ڏئي ڌرڻي ۾ آندو ويو، اهو به چيو ويو ته اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻي آهي، گاڏين ۾ پٿر موجود هئا، پيٽرول بم ٺاهيا ويا، ڀڃ ڊاهه دوران ئي کين گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته احتجاج دوران ڪو به شهري مارجڻ جي شاهدي ناهي ملي، سمورا ليڊر تضادي بيان ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهي ته پيش ڪري، اڳ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ۾ مشاورت ته ڪيو ته ڪيترا ماڻهو مُئا آهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ 3 ڀيرا وفاق تي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمينٽ جي ڳچي ۾ هٿ وڌو، پوءِ وري چيو ڳالهيون به انهن سان ڪرڻيون آهن، وڊيوز موجود آهن ته اهي ماڻهو اسلام آباد مان فرار ٿيا، هاڻ اڳتي خيبر پختونخواهه مان وفاق تي حملو نه ٿيندو.
You might also like