چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت مختلف آپشنز تي غور شروع، ايندڙ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم قرار

دبئي( ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني واري فيصلي بابت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو بورڊ اجلاس ملتوي ٿي ويو آهي.
گذريل ڏينهن چيمپيئنز ٽرافي جي وينيو بابت سڏايل آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو جنهن بعد اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو هو.
هاڻي آءِ سي سي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بورڊ اجلاس اڄ نه ٿيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي موقف تي قائم آهي جڏهن ته بي سي سي آءِ پاڪستان جي سخت موقف کانپوءِ وڌيڪ وقت گهري ورتوآهي.
پي سي بي جي ڪوشش هوندي ته سموري ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ کيڏي وڃي، جڏهن ته ڀارت جي پاڪستان جي دوري کان انڪار واري فيصلي معاملي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي مختلف موقعن تي واضح انداز ۾ چئي چڪو آهي ته پاڪستان کان ٻاهر ايونٽ ڪرائڻ يا هائبرڊ ماڊل تحت ڪنهن هڪ ٽيم جون ميچون ملڪ کان ٻاهر ڪرائڻ وارو فارمولو قبول نه ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جي ملازمت جو مدو هڪ مهيني تائين وڌائڻ جو امڪان آهي.
آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جو مدو 30 نومبر ( اڄ ) تي پورو ٿي رهيو آهي ۽ پهرين ڊسمبر کان بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه کي آءِ سي سي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻو هو.
آءِ سي سي اجلاس ۾ ڇا ٿيندو؟
آءِ سي سي اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي بابت مختلف آپشن تي غور ڪيو ويندو.
آءِ سي سي ٽن آپشن تي غور ڪندو، جيئن ته ٽورنامينٽ جو ميزبان پاڪستان آهي تنهنڪري آءِ سي سي اجلاس ۾ هڪ آپشن اِهو هوندو ته ايونٽ جو گهڻي قدر ميچون پاڪستان ۾ ئي کيڏيون وڃن، پر ڀارت جون ميچون هائبرڊ ماڊل تحت ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪرايون وڃن.
اهڙي ريت هڪ ٻيو آپشن اِهو هوندو ته ايونٽ مڪمل طور پاڪستان مان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪيو وڃي پر ميزباني جا حق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) وٽ ئي رهن.
ٽورنامينٽ لاءِ ٽيون آپشن اِهو هوندو ته ڀارت کانسواءِ سموريون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ هوندو.
آءِ سي سي طرفان چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ميزباني، وينيو ۽ شيڊيول بابت اڃا تائين اعلان نه ٿيڻ سبب براڊ ڪاسٽرز پريشان آهن.
ان کانسواءِ چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾براڊ ڪاسٽرز کي مالي نقصان ۽ ميگا ايونٽ جي ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو آهي، ڇو ته پي سي بي چيئرمين اِهو به واضح ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم پاڪستان نه آئي ته پاڪستان ڪنهن به ٽورمانيٽ ۾ ڀارت خلاف نه کيڏندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پهريان به مائنس ڀارت تجويز تي بحث ٿي چڪو، پي سي بي ماضيءَ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي ان تجويز تي زور ڏئي سگهي ٿو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪندي 1996ع ۽ 2003ع واري عالمي ڪپ جا مثال پيش ڪري سگهي ٿو.
1996ع ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته 2003ع ۾ نيوزيلينڊ ڪينيا ۽ انگلينڊ زمبابوي ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، آءِ سي سي انڪار ڪندڙ ٽيمن جي ميچن ۾ مخالف ٽيمن کي پوائنٽس ڏئي ڇڏيون هيون.
پي سي بي جو آءِ سي سي ۾ اِهو موقف هوندو ته ماضيءَ ۾ ٽيمن جي نه اچڻ تي وينيو تبديل نه ڪيو ويو، ان مثالن جي بنياد تي پاڪستان هڪ سخت موقف اپنائيندو.
هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪري چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان رابطو ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪمل ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪندي بال آءِ سي سي جي ڪورٽ ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.