پي ٽي آءِ جو هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف خيبرپختونخوا جي پارلياماني پارٽي ڀرپور تياري سان ٻيهر اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي تشدد ۽ موجودا سياسي صورتحال تي تفصيلي بحث ٿيو، وفاقي راڄڌاني ۾ ڌرڻي دوران پيش آيل واقعي بابت اسيمبلي ميمبرن پنهنجي تجويزون ڪميٽي آڏو رکيون.
پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميٽي مرڪزي قيادت مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته جڏهن ڊي چوڪ تي گوليون هلي رهيون هيون ان وقت مرڪزي قيادت ڪٿي ۽ ڇو گم هئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.