پي ٽي آءِ احتجاج دوران گرفتار ماڻهن جو پئسا ڏئي مظاهري ۾ آڻڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ احتجاج دوران گرفتار ڪيل ڪيئي مظاهرين جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته هنن کي پئسا ڏئي آندو ويو، پارٽي قيادت ڇڏي ڀڄي ويئي.
پوليس انڪشافن کي قلم 161 تحت بيانن جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي مئجسٽريٽ جي روبرو تصديق ٿيڻ ضروري آهي.
پوليس ذريعن موجب، گرفتار مظاهرين مان وڏي انگ پي ٽي آءِ سان نظرياتي وابستگي کان انڪار ڪندي پاڻ کي غريب ۽ مسڪين قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.