پي ٽي آءِ شرمساري کان بچڻ لاءِ هاڻي لاشن جي سياست ڪري رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن جو بازار گرم ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي لاشن جي سياست ڪئي پئي وڃي.
وفاقي وزير سوشل ميڊيا تي جعلي تصويرن بابت ڳالهائيندي چيو ته جنهن شخص بابت چيو پيو وڃي ته ڪنٽينر تي نماز پڙهي رهيو هو اُهو ٽِڪ ٽاڪ ٺاهي رهيو، هن دفعي اثرائتي پراسيڪيوشن ذريعي جوابدارن کي لازمي سزا ڏيارينداسين.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج دوران فوتگين بابت بي بنياد ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ قتلِ عام جي نالي تي 2019ع جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري رهي آهي، ڊي چوڪ جو چئي غزا جون وڊيوز پوسٽ ڪيون پيون وڃن.
عطا تارڙ موجب، پي ٽي آءِ پنهنجي فرار جي شرمساري کان بچڻ لاءِ لاشن جي سياست ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ هينئر تائين ڪارڪنن جي مارجڻ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آندو.
وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارن لاءِ ڪڏهن سئو لاش آهن، ڪڏهن 16 ٿي وڃن ٿا، ڪڏهن اِهو انگ پنجن تي پهچي وڃي ٿو، هو( پي ٽي آءِ ) واٽ ويندي جتي جنازو ڏسندا آهن اتي پنهنجي پارٽي جو جهنڊو لڳائي ڇڏيندا آهن، جڏهن ته پمز ۽ پولي ڪلينڪ جو بيان آهي ته کين ڪو به لاش ناهي مليو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا اي ڪي 47 سان فائرنگ ڪري رهيا هئا، سمورن ٽي وي چئنلز کين ڀڄندي ڏيکاريو، جيڪي سييڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا اوهان انهن جون وڊيوز ته پوسٽ نه ڪيون.
هن وڌيڪ چيو ته ڪوڙي بيانيي سان معيشت ڊي ريل نه ٿيندي، ڪو به منطقي انجام کان نه بچندو ۽ غلط انگ اکر پکيڙڻ وارن کي جواب ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.