”هن وقت ڪو به ڪينال نه پيو اڏيو وڃي، گوڙ ڪندڙ ڪالاباغ ڊيم واري معاملي سيٽون ڇڏي هليا ويا هئا“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي چيو آهي ته هڪ مخصوص پارٽي جو احتجاج مشڪرن جو سرڪس هو ان باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي مڙهڻ جي حق ۾ نه آهي.
ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ هڪ تقريب کي خطاب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ٽي آءِ کي مشڪرن جو سرڪس قرار ڏيندي چيوته ڪنهن به شخص جي آزادي جو مطالبو بنيادي طور ورغلائيندڙ هو، آزادي لاءِ عدالتي فورم موجود آهي.
مراد علي شاهه چيو ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ سولو نه هوندو، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سنڌ ۾ به گورنر راڄ جون ڳالهيون ٿينديون هيون.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير اجلاس ڪوٺائڻ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هڪ آئيني گهرج آهي، نوَ مهينن کان اجلاس ناهي ٿيو، هو رڳو سندن نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي.
وڏي وزير واضح ڪيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل اجلاس کانسواءِ پاڻيءَ جو مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي، هن وقت ڪنهن به ڪينال جي اڏاوت ناهي ٿي رهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد تي ڌرڻو ڏنو هو.
هن چيو ته جيڪي هن وقت گوڙ ڪري رهيا آهن اُهي ڪالاباغ ڊيم خلاف بحث دوران پنهنجون سيٽون ڇڏي هليا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.