سنڌ واسي ڀيڻ ڀاءُ هري پور ۾ دربدر، فوٽ پاٿ تي گذارڻ تي مجبور، سنڌ واپسي لاءِ مالي مدد جي گُهر

هري پور هزاره (پ ر) دربدر ٿيل سنڌ واسي دائم کوسي هڪ پريس بيان ۾ پنهنجي ظلم جي داستان ٻڌائيندي چيو آهي ته مان عوامي آواز ميڊيا گروپ ذريعي هتي پنهنجو هڪ ذاتي مسئلو ۽ پريشاني بيان ڪري رهيو آهيان ان اميد سان ته  سنڌ حڪومت، سياسي سماجي جماعتون ۽ سرندي وارا هنگامي بنياد تي منهنجي مالي مدد ڪندا. هي مسئلو منهنجو ۽ منهنجي ڀيڻ جو آهي.اسان ٻئي اصل ۾ سکر جا رهواسي ۽ وڪيل آهيون. اسان جو والد مولا بخش کوسو به سکر جو سينئر وڪيل هو. اسان ٻئي ڀاءُ ڀيڻ روزگار سانگي  ڪجهه سال اڳ راولپنڊي آيا هياسين. هتي اسان جڳهه تي مسواڙ تي رهندا هياسين. اها جڳهه اسان جي مائٽ خريدڻ پئي چاهي ۽ هن مالڪ کي 20 هزار به ڏنا هيا پر اهو  ماڻهو پيسا کڻي ڀڄي ويو. اسان جيئن ته وڪيل هياسين تنهن ڪري پوءِ اسان تي به دٻاءُ وڌو ويو ته  اهي به مسواڙ جي جڳهه خالي ڪن نه ته هي پيسن وارو ڪيس عدالت ۾ وڙهي سگهن ٿا پر مون عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته اسان کي مسواڙ  جي گهر مان نه ڪڍيو وڃي ان تي اسان کي عدالت طرفان اسٽي آرڊر به مليو. ان کان پوءِ هڪ وڪيل دوست جيڪو اصل ۾ حويليان شهر جو هو تنهن اسان کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ جو منصوبو گهڙيو. هن چيو ته راولپنڊي جي جنهن جڳهه تي اوهان رهندا آهيو سا پراپرٽي اصل ۾ منهنجي دوست جي آهي سو اوهان کي ادا ڪيل 20 هزار رپيا واپس ڏنا ويندا بس توهان رڳو عدالت مان اهو اسٽي آرڊر واپس ڪرايو، في الحال اوهان ڀاءُ ڀيڻ هري پور هلي رهو، پوءِ اتي انهن اسان کي مسواڙ تي جڳهه وٺي ڏني جڏهن اسان ڪيس واپس ورتو سين ته پوءِ انهن وڪيل دوستن نه رڳو اسان مان هٿ ڪڍڻ شروع ڪيا پر اهڙو ماحول پيدا ڪين ته جيئن هي هتان ڀڄي هليا وڃن. انهن اسان بابت اها پروپئيگنڊا شروع ڪئي ته هي ڪوڙا وڪيل آهن هنن کي ڪير به رهائش ۽ روزگار نه ڏي. پوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصديق به ڪئي ته نه هي واقعي وڪيل آهن. هري پور ۾ هڪ وڪيل منهنجي ڀيڻ کي شادي جي آڇ ڪئي اهو همراهه شادي شده هو پر ٻي شادي لاءِ کيس پهرين زال  قانوني طور تي اجازت نامو نه پئي ڏي تنهن ڪري هن منهنجي ڀيڻ سان قرآن شريف تي نڪاح ڪيو پر مٿس به مقامي ماڻهن دٻاءُ وجهرائي اهو نڪاح ٽوڙايو.. هاڻي اسان جي بي روزگاري ڪري مالي صورتحال بلڪل خراب ٿي چُڪي هئي. اسان جي وڪيل دوستن واويلا هلائي ته هي ٻئي صوبي جا آهن انهن کي هتي روزگار ۽ رهائش نه ڏني وڃي. جڏهن ته اسان جو موقف آهي ته اسان به پاڪستاني آهيون. پاڪستان جي آئين جي شق نمبر 15 موجب پاڪستاني شهري پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ رهائش اختيار ڪري سگهي ٿو پر هتي خيبرپختوخواه ۾ شق  نمبر 15 معطل ٿي چڪي آهي. هتي وڪيل هجن يا جج شروع کان ئي سندن رويو اسان ڏانهن تعصب پرستي وارو رهيو آهي. هنن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته ڪيئن به ڪري هنن کي ڪي پي ڪي مان ڀڄائجي. اسان ٻئي ڀاءُ ڀيڻ جيئن ته وڪيل آهيون تنهن ڪري هي اسان کان ڊنل به رهيا آهن ته ڪٿي اسان لاءِ ڪو مسئلو نه پيدا ڪن. بهرحال اسان هن وقت هري پور ۾ بيروزگاري جي زندگي گذاري رهيا آهيون. پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، کائڻ پيئڻ جا به پيسا ناهن. اسان پاڻ هاڻي واپس سنڌ اچڻ چاهيون ٿا پر اسان وٽ بلڪل به پيسا ناهن. اسان جي هتان جي پريس ڪلبن ۾ به دانهيو آهي پر چيو وڃي ٿو اوهان سنڌ صوبي جا آهيو ته پنهنجي صوبائي حڪومت کان مدد وٺو. سو اسان هٿ ٻڌي التجا ٿا ڪريون ته سنڌ حڪومت، سياسي سماجي تنظيمون اسان جي هنگامي بنياد تي مالي مدد ڪن ته جيئن اسان ٽي ويلا ماني به کائي سگهون، هتي آسمان هيٺيان ڏينهن رات فٽ پاٿن تي رهيل آهيون. سخت ٿڌ ۾ رهيا پيا آهيون گرم ڪپڙا به ناهن. زمين تي وڇائڻ لاءِ بستري جو به انتظام ناهي، سو انسانيت ناتي ۽ سنڌي هئڻ ڪري خدارا اسان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي مدد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان وٽ خودڪشي کانسواءِ ڪا واٽ ناهي سو مهرباني ڪري اسان جي ترت مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اسان واپس سنڌ اچي سگهون. جيڪڏهن سنڌ حڪومت، سياسي سماجي تنظيمون يا ٻيا ادارا اسان جي  مالي يا ڪا ٻي مدد ڪرڻ چاهين ته مون سان فون نمبر 5446472-0370 تي رابطو ڪن ۽ جيئن ته عوامي آواز ميڊيا گروپ منهنجي مسئلي کي حل ڪرائڻ جي اڳڀرائي ڪري رهيو آهي ته جيڪو به منهنجي مدد ڪري سو عوامي  آواز ميڊيا گروپ کي به ان جي  نمبر 3007566-0334 تي اخلاقي طور اطلاع ڏين. ته اسان سندن مدد ڪئي آهي يا ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.