نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان جي دوري تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کي سيڪيورٽي خدشا آهن.
هڪ بيان ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي دوري تي بي سي سي آءِ جو جيڪو بيان آهي اُهو ڏٺو وڃي.
ٻئي پاسي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت مشاورت لاءِ سڏايل اجلاس 15 منٽن بعد ملتوي ڪري ڇڏيو.
اڄ رٿيل آءِ سي سي بورڊ اجلاس مختصر رهيو ۽ اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ ڌرين طرفان تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ سڀاڻي تفصيلي اجلاس ۾ تجويزن تي مشاورت ٿيندي.
هائبرڊ ماڊل واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي موقف تي قائم رهيو، پاڪستان پنهنجي موقف بابت بريفنگ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي بابت قبول ڪرڻ جوڳو فارمولو سڀاڻي تائين سامهون اچڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان ۾ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت اڄ آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ فيصلو ٿيڻو هو.