ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مرحوم نعت خوان جنيد جمشيد جي پٽ بابر جنيد پيءُ جي شادين جي حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو. .
ويجهڙ ۾ بابر جنيد هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن پنهنجي نجي زندگيءَ سميت پيءُ جي هڪ کان وڌيڪ شادين واري سوال تي ڳالهايو.
بابر جنيد ٻڌايو ته هن جي معلومات موجب، سندس والد ٽي شاديون ڪيون، جنهن مان هڪ سندس ماءُ سان ڪئي هئي جڏهن ته ان کانسواءِ هن ٻه ٻيون شاديون ڪيون هيون، جنهن مان هڪ والد سان گڏ ئي جهاز حادثي جو شڪار ٿي وئي.
جنيد جمشيد جي پٽ موجب، والد کي چئن ٻارن جو اولاد هو، جيڪي سندس پهرين گهرواري يعني منهنجي ماءُ مان ئي آهن، ان کانسواءِ ڪنهن ٻي گهرواري مان ڪو به اولاد نه ٿيو.
بابر جنيد پيءُ جي شادين بابت ڳالهائيندي وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ دفعي هو پنهنجي پيءُ سان گاڏي ۾ وڃي رهيو هو جڏهن هن کائنس پڇيو ته ”مون هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيو پر مون کي اِهو ٻڌائي توکي ڪڏهن منهنجي پيار ۽ خيال ۾ کوٽ محسوس ٿي؟ “ جنهن تي مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ٻڌايو ته هن کي ڪڏهن به ايئن محسوس ناهي ٿيو.
ياد رهي ته جنيد جمشيد ست ڊسمبر 2016ع تي جهاز حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو هو.
You might also like