شارجا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل وومينز فورم ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستان ۾ عورتن جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو.
فورم جو انتظام دبئي وومين اسٽيبلشمينٽ پاران ڪيو ويو هو، فورم جي افتتاحي سيشن ۾ گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم، ترڪي جي خاتون اول ايمن اردگان ۽ فلپائن جي خاتون اول لوئس ارنيتا مارڪوس پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي توازن لاءِ ڪم ڪندڙ ڇهه هزار کان وڌيڪ معززين شرڪت ڪئي.
پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پينل بحث ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ عورتن جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو.
فورم جي موقعي تي پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري دبئي ڪلچر اينڊ آرٽس اٿارٽي جي چيئرپرسن ۽ دبئي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر محترمه شيخه لطيفه بنت محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪئي.
You might also like