سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي تخت گاهه سيئول ۾ ٻئي ڏينهن به برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب نظام درهم برهم ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب شديد برفباري سبب پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 5، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
سيئول ۾ رڪارڊ برفباري سان ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ بجلي جي فراهمي به متاثر ٿي آهي.
خراب موسم سبب 140 اڏامون رد، جڏهن ته 76 فيري سروسز معطل ٿي ويون.
ڏکڻ ڪوريا جي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 16 انچن تائين برف پئجي چڪي آهي.
واضح رهي ته اها سيئول ۾ 1907 کانپوءِ سڀ کان وڏي برفباري آهي.
ڏکڻ ڪوريائي تخت گاهه سيئول ۾ ٻئي ڏينهن به رڪارڊ برفباري، نظام درهم برهم، 5 ڄڻا فوت
Next Post
You might also like