” باٿ روم ۾ انٽرنيٽ نه هلڻ سبب ڪو ڪم نه پيو ٿئي“ صحيفه جبار جي پوسٽ وائرل

ماڊل ۽ اداڪارا صحيفه جبار طرفان باٿ روم ۾ انٽرنيٽ نه هلڻ بابت پوسٽ ڪيل انسٽاگرام اسٽوري وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدارن دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا.
ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ 24 هين نومبر کان انٽرنيٽ سست رفتاري جو شڪار آهي، جنهن تي پهريان مختلف شوبز شخصيتن شڪايت ڪئي آهي.
صحيفه جبار به انٽرنيٽ مسئلي تي انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن باٿ روم ۾ واءِ فاءِ نه هلڻ جي شڪايت ڪئي.
اداڪارا جي پوسٽ وائرل ٿي وئي، جنهن کي مختلف شوبز ميڊيا پليٽ فارمز تي شيئر ڪيو ويو، جتي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪيا.
صحيفه پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته باٿ روم ۾ انٽرنيٽ نه ٿو هلي، جنهن سبب هوءَ ڪو به ڪم نٿي ڪري سگهي.
هن لکيو ته کيس باٿ روم ۾ انٽرنيٽ گهرجي، هو ان حوالي سان سنجيده آهي، ڇو ته باٿ روم ۾ انٽرنيٽ نه هلڻ سنجيده مسئلو آهي، جيڪو حل ٿيڻ کپي.
اداڪارا چيو ته هڪ ته ٿڌ سبب اڳ ئي باٿ روم وڃڻ عذاب هوندو آهي، مٿان وري انٽرنيٽ به بند آهي، جنهن سبب سندس ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي.
هن سوال اُٿاريندي لکيو ته باٿ روم انسان جي آخري محفوظ پناهه گاهه هوندي آهي پر هاڻي ڇا اتي به انٽرنيٽ جي بندش جو عذاب ڀوڳڻو پوندو؟
صحيفه موجب، کيس ايندڙ مرحلي ۾ باٿ روم ۾ به هڪ واءِ فاءِ رائوٽر لڳائڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ بنيادي شين جو مطالبو ڪريو ته ” ارر 404“ لکجي اچي ٿو.
اداڪارا جي پوسٽ وائرل ٿي وئي، جنهن کي مختلف شوبز ميڊيا پليٽ فارمز تي شيئر ڪيو ويو، جتي صارفين دلچسپ تبصرا ڪندي کيس چريو قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته انٽرنيٽ جي رفتار وڌائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.