مخصوص تاش جا پتا ٺاهيندڙ راب هيليفيڪس دنيا جو سڀ کان وڏو تاش جو پتو ٺاهي ٻيو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
هلندڙ سال جي منڍ ۾ راب ٿري ڊي پرنٽنگ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي دنيا جي سڀ کان ننڍي تاش ٺاهي پهريون رڪارڊ قائم ڪيو هو.
پوءِ هن دنيا جي 2.87 ميٽر وڏي تاش جي پتي جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، اهو رڪارڊ ڀارت جي رام ڪمار سارنگاپاني 2020 ۾ ٺاهيو هو.
راب دل جي بادشاهه جو پتو ٺاهي لنڊن ۾ قائم گنيز ورلڊ رڪارڊ جي آفيس پهتو.
ان جي ڪارڊ جي اوچائي 3 ميٽر ۽ ويڪر 2.02 ميٽر آهي، اهو ڪارڊ دنيا جي سڀ کان ڊگهي شخص سلطان ڪوسين کان به وڏو آهي.
You might also like