هڪ آسٽريلوي سرڪس پرفارمر هڪ ئي ڏينهن ايريل هوپ جا ٻه گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا.
آسٽريلوي رياست وڪٽوريا سان واسطو رکندڙ 23 ورهين جي شيرلوٽ ”چارلي“ ميٿ هڪ منٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايريل هوپ سمرسالٽ (قلابازين) ۽ گهڻي وقت تائين ايريل هوپ تي ڪلهي جي سهاري لڙڪڻ جو رڪارڊ ٺاهڻ جو چئلينج کنيو.
گنيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان پنهنجي انسٽاگرام فيڊ ۾ ڏٺو ته ڪنهن ايريل هوپ سمرسالٽ جو رڪارڊ ڪيو آهي ۽ اهو فن مان تقريبن 7 کان 8 ورهين کان ڪندي پئي اچان، تنهن ڪري مان سوچيو ته ڇو ته مان پاڻ کي چئلينج ڏيان ۽ ڏسان ته ڪيتريون قلابازيون ٿي ڏئي سگهان.
هن چيو ته مان ٽريننگ دوران 45 قلابازين تائين ويس ۽ رڪارڊ 47 جو هو، تنهن ڪري مان وڌيڪ ٽريننگ ڪندي رڪارڊ جي ڪوشش ڪئي.
شيرلوٽ ميٿ 53 قلابازيون ڏئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو، گڏوگڏ هن ايريل هوپ تي 63.18 سيڪنڊن تائين ڪلهي جي سهاري لڙڪڻ جو ٻيو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪيو.
Next Post
You might also like