ڪامران غلام جي سينچري، ٽِين ون ڊي ۾ زمبابوي کي شڪست، پاڪستان سيريز کٽي ورتي

بلاويو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽِين ون ڊي ۾ زمبابوي 99 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
بلاويو ۾ پاڪستان جي 304 رنسن جواب ۾ زمبابوي جي پوري ٽيم 204 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان ڪريگ ايروائن کانسواءِ ڪو به بيٽر پاڪستاني بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، هن 51 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان ابرار احمد، صائم ايوب، حارث رئوف ۽ عامر جمال ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ڪامران غلام ۽ فيصل اڪرم جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
ان کان اڳ قومي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 303 رنسون ٺاهيون.
اوپنر عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي سٺي شروعات فراهم ڪئي.
صائم ايوب کي 31 رنسن تي فراز ڪريم آئوٽ ڪيو، جڏهن ته عبدالله شفيق ففٽي اسڪور ڪرڻ بعد سڪندر رضا جو شڪار بڻيو.
بابر اعظم جي غير موجودگيءَ ۾ ون ڊي ڊائون پوزيشن سنڀاليندڙ ڪامران غلام هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين سينچري اسڪور مڪمل ڪئي هو 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانسواءِ ڪپتان محمد رضوان 37، سلمان علي آغا 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته طيب طاهر 29 ۽ عامر جمال 5 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.
زمبابوي طرفان سڪندررضا ۽ رچرڊ نگاروا ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
سينچري ۽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ تي ڪامران غلام کي پليئر آف دي ميچ جڏهن ته صائم ايوب کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.