ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ ايندڙ سال فيبروري ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ مائنس ڀارت جو آپشن به موجود آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ۾ ڀارت کانسواءِ پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ڪرائڻ وارو آپشن بحث هيٺ اچي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب،آءِ سي سي اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل واري آپشن تي به ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ ايونٽ جون گهڻي قدر ميچون پاڪستان ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته ڀارت جون ميچون ڪيئن ٻئي ملڪ ۾ ٿينديون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بورڊ ميٽنگ ۾ پوري ٽورنامينٽ ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جي تجويز تي ويچاريو ويندو، پر ميزباني پي سي بي وٽ هوندي.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ڪمرشل ويليو جي بنياد تي مائنس ڀارت واري فارمولي تي عمل جا امڪان گهٽ هوندا.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پهريان به مائنس ڀارت تجويز تي بحث ٿي چڪو، پي سي بي ماضيءَ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي ان تجويز تي زور ڏئي سگهي ٿو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪندي 1996ع ۽ 2003ع واري عالمي ڪپ جا مثال پيش ڪري سگهي ٿو.
1996ع ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته 2003ع ۾ نيوزيلينڊ ڪينيا ۽ انگلينڊ زمبابوي ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، آءِ سي سي انڪار ڪندڙ ٽيمن جي ميچن ۾ مخالف ٽيمن کي پوائنٽس ڏئي ڇڏيون هيون.
پي سي بي جو آءِ سي سي ۾ اِهو موقف هوندو ته ماضيءَ ۾ ٽيمن جي نه اچڻ تي وينيو تبديل نه ڪيو ويو، ان مثالن جي بنياد تي پاڪستان هڪ سخت موقف اپنائيندو.
هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪري چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان رابطو ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪمل ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪندي بال آءِ سي سي جي ڪورٽ ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي.