اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سميت گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جي عدالتي حڪم باوجود وفاقي تخت گاهه ۾ احتجاج ٿيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ماڻهو اسلام آباد آيا ۽ نظام مفلوج ٿيو.
درخواست ۾ چيو ويو ته حڪومت ۽ اسلام آباد انتظاميا ۾ امن امان برقرار نه رکي سگهيا، عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
پوءِ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪري ايندڙ هفتي تائين جواب گهري ورتو.
You might also like