ممبئي (ويب ڊيسڪ) جي خوبرو اداڪارا ڪريتي سينن انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ماڻهو رڳو سپر اسٽارز جي ٻارن کي ڏسڻ پسند ڪن ٿا جنهن ۾ ميڊيا جو به وڏو هٿ آهي ڇو ته ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز به اِهي ئي هوند ا آهن.
ويجهڙ ۾ ڪريتي سينن 55 هين انٽرنيشنل فلم فيسٽيول آف انڊيا ۾ پنهنجي پهرين پرڊيوس ڪيل فلم ” دو پتي “ جي نمائش جي موقعي تي ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجا نوازيءَ واري موضوع تي کُلي ڳالهايو.
قومي ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪارا چيو ته پنهنجا نوازيءَ کي هٿي ڏيڻ جي ذميوار انڊسٽري نه پر ميڊيا ۽ ڏسندڙ آهن.
هن چيو ته فلمي شوقين اسٽار ڪڊز ۾ گهڻي دلچسپي رکن ٿا جنهنڪري فلمساز پنهنجي فلمن ۾ کين ڪاسٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
ڪريتي فلمي دنيا ۾ نالو ٺاهڻ لاءِ پنهنجي جدجهد جي سفر بابت ڳالهائيندي چيو ته خاندان جو فلم انڊسٽريءَ سان واسطو نه هئڻ سبب کيس انڊسٽري ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ وقت لڳو.
هن وڌيڪ چيو ته شروع وارن ڏينهن ۾ مئگزين ڪورز ۽ وڏا موقعا حاصل ڪرڻ مشڪل هئا، لاڳيتو محنت ۽ لڳاءُ بعد ڪاميابي ملي.
Prev Post
You might also like