لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ اسڪواڊز تي مشاورت حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب، ون ڊي سيريز لاءِ مضبوط اسڪواڊ هوندي جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سميت فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي جي واپسي ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي کي نظر ۾ رکندي فخر زمان کي ٽيم جي ضرورت قرار ڏنو ويو آهي تنهنڪري وائيٽ بال ٽيم ۾ سندس واپسي جو چٽو امڪان آهي.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ اوپنر امام الحق جي نالي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ سينيئرز کي آرام ڏئي نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز جي پڄاڻي يا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽيسٽ سيريز جي تيارين لاءِ رانديگرن جي ڪئمپ ڏکڻ آفريڪا ۾ لڳائڻ جي رٿابندي پڻ جاري آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ايندڙ مهيني ٽن ون ڊي، ٽن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز شيڊيول، جيڪا ڏهه ڊسمبر کان ست جنوري تائين کيڏي ويندي.
You might also like