لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته آءِ سي سي سان مسلسل رابطو آهي، اميد آهي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته ايئن نه ٿيندو ته اسان ڀارت ۾ وڃي کيڏون ۽ هو ( ڀارت ) پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪن، اميد آهي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، جيڪو فيصلو ٿيندو پاڪستان لاءِ ڪري نڪرنداسين.
هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم عالمي معيار جو ٿي ويو آهي، اسٽيڊيم ۾ 35 کان 40 هزار تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش هوندي.
محسن نقوي چيو ته سندس خواهش هئي ته راولپنڊي اسٽيڊيم به گڏ تيار ٿئي، جيڪڏهن پنڊي اسٽيڊيم جي رپورٽ اڳواٽ ملي ها ڪجهه بهتر ٿئي ها، سموري صورتحال نظر ۾ رکندي آءِ سي سي اجلاس مان بهتر شئي وٺي نڪرنداسين.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل تي غور ويچار لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو بورڊ اجلاس جمعي جي ڏينهن( سڀاڻي) ٿيندوڪيو ويو آهي.
You might also like