عمران خان تي سختيون وڌي رهيون آهن، ڌرڻي دوران پي ٽي آءِ قيادت ڪٿي هئي؟ شوڪت يوسفزئي سوال اُٿاري ڇڏيا

پشاور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ليڊر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پارٽي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته سندن غلطين جي ڪري عمران خان تي سختيون وڌي رهيون آهن جنهن جي سموري ذميواري مرڪزي قيادت تي لاڳو ٿئي ٿي.
پنهنجي بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته بشريٰ بي بي جو مڙس بنا ڏوهه جي جيل ۾ آهي هوءَ روڊن تي ڇو نه نڪري ها؟ سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته باقي قيادت ڇا ڪيو؟ مرڪزي ليڊرشپ ڪٿي هئي؟
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سنگجاني ۾ ڌرڻو هڻڻ جي اجازت ڏني ته ان عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ سياست ۾ حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي آهي.
شوڪت يوسزئي جو چوڻ هو ته کين الله تمام وڏو موقعو ڏنو جيڪو هنن وڃائي ڇڏيو، جيڪڏهن مشاورت سان اڳتي وڌجي ها ته نتيجا ڪجهه ٻيا هجن ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.