اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي ڏينهن، 100 انڊيڪس نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ڪاروبار دوران نئين تاريخ لکي ڇڏي، هنڊريڊ انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس جو رڪارڊ هدف حاصل ڪري ورتو.
هنڊريڊ انڊيڪس 790 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 479 پوائنٽس تي پهچي ويا.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايسڪچينج ۾ رڪارڊ ترقي معاشي بهتري آهي ۽ اقتصادي پاليسي سڌاري طرف وڃي رهي آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪئي، اهو حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي ڀروسي جي نشاندهي ڪري ٿو.
هن چيو ته ان سنگ ميل کي پار ڪرڻ لاءِ حڪومتي معاشي ٽيم ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ مصروف آهي، سندن خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
وزيراعظم جو چوڻ هن ته پنهنجي قوم سان عهد ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل سان قرباني رائيگان نه وئي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.