بِهار جي سيڪيورٽي گارڊ جو پٽ آءِ پي ايل ۾ ڪروڙن ۾ نيلام

دنيا جي مهانگي ترين انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز راجسٿان رائز جو حصو بڻجندڙ 13 ورهين جي نوجوان ڪرڪيٽر ويڀوَ سوريا ونشي ٽورنامينٽ جي تاريخ جي سڀ کان ننڍي عمر واري رانديگر هئڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿيل نيلامي ۾ ڀارتي رياست بِهار سان تعلق رکندڙ ويڀو سوريا ونشي جون خدمتون راجسٿان رائلز هڪ ڪروڙ ڏهه لک رپين ۾ حاصل ڪري ورتيون آهن، معاهدي کانپوءِ هاڻي هو آءِ پي ايل مقابلن ۾ راجسٿان رائلز جي نمائندگي ڪندي نظر ايندو.
ان کان اڳ ويڀو سوريا ونشي رياستي ۽ قومي سطح تي مختلف ٽيمن جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هو ڀارت جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ۾ به شامل رهيو آهي.
دهلي ڪيپيٽلز ۽ راجسٿان رائزل هن لاءِ ٻوليءَ جي شروعات ٽيهه لک ڀارتي رپين کان ڪئي، پر راجسٿان رائلز، جنهن وٽان هو شروعاتي تربيت حاصل ڪري چڪو آهي، سوريا ونشي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
ڀارت ۾ ڪرڪيٽ تي روايتي طور شهري علائقن جي ڪرڪيٽرز جو دٻدٻو رهيو آهي، جنهن ۾ ممبئي، دهلي ۽ بئنگلور جا ڪرڪيٽر اچي وڃن ٿا، پر هاڻي آءِ پي ايل بعد ڀارت جي ڏورانهين علائقن ۽ ننڍڙن شهرن توڙي ٻهراڙي مان باصلاحيت ڪرڪيٽ سامهون آيا آهن.
في الحال سوريا ونشي ڀارت لاءِ انڊر 19 ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ دبئيءَ ۾ موجود آهي، هن 12 ورهين جي عمر ۾ ممبئي خلاف بهار جي ٽيم طرفان ڊيبيو ڪيو هو.
پنج فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ هن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پر سندس ڪيريئر جي سڀ کان بهترين ڪارڪردگي انڊر 19 ۾ آسٽريليا خلاف 58 بالن تي اسڪور ڪيل سينچري آهي، اِها ميچ 5 هفتا اڳ کيڏي ويئي هئي جيڪا آفيشل ٽيسٽ ميچ نه هئي، هو هنيئر تائين يوٿ ڪرڪيٽ ۾ سينچري ٺاهيندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر آهي، ان کانسواءِ هو بهار ۾ انڊر 19 ۾ ناقابلِ شڪست 332 رنسن جي اننگز کيڏي چڪو آهي.
سوريا ونشي جي ٽيلينٽ نوجوان ڪرڪيٽر طور راجسٿان رائلز کي ٽريننگ دوران ڪوچنگ اسٽاف کي متاٿر ڪيو.
ٽيم جي سي اي او جيڪ لش ميڪرم نيلامي بعد پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوريا ونشي انتهائي قابل آهي ۽ يقيني طور تي کيس اعتماد ڏيڻو پوندو ته جيئن هو آءِ پي ايل جي سطح تي پرفارم ڪري سگهي.
جيتوڻيڪ ڀارتي قانون ۾ 14 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن کان ڪم وٺڻ چائلڊ ليبر جي زمري ۾ اچي ٿو پر ماهرن جو چوڻ آهي ته راندين لاءِ اهڙي قسم جو ڪو قانون ناهي ڇو ته راندين ۾ قومي ۽ عالمي سطح تي ايونٽس ۾ 14 ورهين کان گهٽ عمر وارا رانديگر حصو وٺندا آهن.
پر عالمي سطح تي آءِ سي سي جي ماتحت ٿيندڙ ميچن ۾ کيڏڻ لاءِ سوريا ونشي کي شايد وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوي ڇو ته اتي گورننگ باڊي طرفان عمر جي حد 15 سال مقرر آهي.
سوريا ونشي جي راجسٿان رائلز سان معاهدي جي خبر ۽ جيترو ڪانٽريڪٽ کيس مليو آهي اِها سندس خاندان لاءِ انتهائي خوشي جوڳي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته سندس خواب کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ لاءِ هن جي خاندان وارن  سندس مالي مدد ڪئي ۽ ان لاءِ هنن پنهنجي زمين پڻ وڪڻي ڇڏي هئي.
آءِ پي ايل نيلامي بعد سوريا ونشي جي پيءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو( ويڀو) رڳو سندس نه پوري بهار جو پٽ آهي.
هن ٻڌايو ته پهريان هو بهار ۾ ئي هارپو ڪندو هو، جنهن بعد هو ڪم ڪار جي ڳولا ۾ ممبئي پهتو جتي هو نائيٽ ڪلب ۽ پبلڪ ٽوائليٽ ۾ سيڪيورٽي گارڊ جو ڪم ڪندو هو.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي کين سڀ کان وڏي ڳڻتي اِها آهي ته سندن پٽ پنهنجي ڪارڪردگي برقرار رکي، هو آءِ پي ايل جي نيلامي کي آخري نه سمجهي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ محنت جاري رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.