اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي اهي ته ڪفن ٻڌي آيا هئا، اڳ ئي چيو هو ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي 5-5 ماڻهو به نه آڻي سگهندا، هاڻ گنڊاپور نه بي بي گرفتار ٿيندي.
پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو غريب ڪارڪن ته ڊي چوڪ پهتو پر قيادت نه پهتي، آخر اهي سڀ ڪٿي هئا؟ اهي سڀ ان لاءِ نه آيا ته ڪمپرومائزڊ آهن.
هن چيو ته هاڻ گنڊاپور نه بي بي گرفتار ٿيندي، هڪ عورت چيو ته مان آخري آهيان، جيڪا ڊي چوڪ تان نڪرنديس پر سڀني کان اڳ ۾ فرار ٿي وئي.
You might also like