18 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٽِڪ ٽاڪ واهپيدارن لاءِ بُري خبر

جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ ٽِڪ ٽاڪ بيوٽي فلٽرز جي استعمال بابت عمر جي حد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪمپني موجب،ايندڙ هفتن دوران 18 ورهين کان گهٽ عمر وارن واهپيدارن کي شخصيت بدلائڻ وارن ايفيڪٽس جي استعمال کان روڪيو ويندو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تفريحي مقصدن لاءِ تيار ڪيل فلٽرز تي عمر جي پابندي وارو فيصلو لاڳو نه هوندو، ان تبديلي جو بنيادي مقصد نوجوانن کي ذهني صحت جي مسئلن کان تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
ٽڪ ٽاڪ ان تبديليءَ جو اعلان يورپين سيفٽي فارم تي ڪيو، تنهنڪري في الحال اِهو واضح نه آهي ته عمر جي حد سڄي دنيا لاءِ مقرر هوندي يا رڳو يورپي ملڪن ۾ ائين ٿيندو.
ان کان اڳ انٽرنيٽ تي ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري انٽرنيٽ ميٽرز هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته بيوٽي فلٽرز سبب ٻارن تي آن لائين مخصوص انداز ۾ نظر اچڻ جو دٻاءُ وڌندو آهي، جنهن سبب ذهني بيمارين جو خطرو وڌندو آهي.
ٽڪ ٽاڪ طرفان اهڙي مشين لرننگ ٽيڪنالاجيز جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي پئي وڃي جيڪي تيرنهن ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي اڪائونٽ جي نشاندهي ڪرڻ مددگار ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.