اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران گرفتارين جي تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران 37 افغان شهرين سميت 954 ڄڻا گرفتار ٿيا، 200 گاڏيون ۽ 39 هٿيار به برآمد ڪيا ويا، جن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ 12 بور جون بندوقون به شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت 7 ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن، جن ۾ احتجاج ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٻئي شامل آهن.
آءِ جي اسلام آباد چيو ته اهڙو احتجاج جنهن سان شهري گهرن تائين محدود ٿي وڃن دهشتگردي آهي، راتوڪي آپريشن ۾ رڳو لٺيون ۽ ڳوڙهن واري گيس استعمال ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ جي احتجاج مان افغانين جي گرفتاري جو انڪشاف، هٿيار به برآمد ٿيا: آءِ جي اسلام آباد
You might also like