يوٽيوب شارٽس لاءِ اهم فيچر، ڪم ڪيئن ڪندو؟

جيڪڏهن اوهان يوٽيوب شارٽس ٺاهڻ پسند ڪريو ٿا ته مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي ذريعي اِهو ڪم وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
ڪمپني طرفان ڊريم اسڪرين نالي فيچر جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت واهپيدار شارٽس وڊيوز ۾ اي آءِ ذريعي تيار ڪيل وڊيو بيڪ گرائونڊ استعمال ڪري سگهندا.
واضح رهي ته هي ڪو نئون فيچر ناهي پر هنيئر تائين ان فيچر ذريعي رڳو اميج بيڪ گرائونڊ ئي تيار ٿيندا هئا. ائين گوگل جي اي آءِ وڊيوز جنرشن ماڊل ويو ذريعي ممڪن ٿيڻ وارو آهي، جيڪو p1080 ريزولوشن وڊيو مختلف سئنماٽڪ اسٽائيلز ۾ تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
واهپيدار هن فيچر کي استعمال ڪري ٽيڪسٽ پروموٽ جي ذريعي اي آءِ وڊيو بيڪ گرائونڊ تيار ڪري سگهندا.
هن فيچر تائين پهچ لاءِ اوهان کي شارٽس ڪيمرا ۾ وڃڻو پوندو ۽ اتي گرين اسڪرين آئيڪون ۽ وري ڊريم اسڪرين کي سليڪٽ ڪرڻو پوندو.
اتي اوهان لکت ۾ پنهنجون هدايتون ٽائپ ڪري سگهو ٿا، جيڪو پس منظر اوهان جي ذهن م آهي ان پٽاندڙ تفصيل لکڻا پوندا.
ان کانپوءِ پنهنجي پسند جي اسٽائيل جي چونڊ ڪري ڪريئيٽ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
ڪمپني موجب، ڊريم اسڪرين ٽول تحت مختلف قسمن جا وڊيوز بيڪ گرائونڊز تيار ڪري سگهن ٿا ۽ جڏهن اوهان ڪنهن اي آءِ وڊيو بيڪ گرائونڊ جي چونڊ ڪندئو ته اهو وڊيو جو حصو بڻجي ويندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ ڊريم اسڪرين ذريعي ڇهه سيڪنڊ ڊگهي وڊيو تيار ڪرڻ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي.
هي فيچر في الحال آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي واهيپدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.