پهريون ڀيرو هڪ عورت جي ٻنهي ڦڦڙن جو روبوٽڪ ٽرانسپلانٽ

ڦڦڙن جي هڪ دائمي مرض جو شڪار عورت دنيا جي اهڙي پهرين مريض بڻجي وئي، جنهن جي ٻنهي ڦڦڙن جو روبوٽڪ ٽرانسپلانٽ ٿيو.
آمريڪي شهر نيو يارڪ جي اين واءِ يو لينگون هيلٿ ۾ اهو تاريخي آپريشن ٿيو، 57 ورهين جي عورت جو آپريشن ڊاڪٽر اسٽيفني چينگ ڪيو.
ان کان اڳ هوءَ هڪ ڦڦڙن جو روبوٽڪ ٽرانسپلانٽ ڪندڙ پهرين آمريڪي ڊاڪٽر بڻي هئي.
هن ٻڌايو ته روبوٽڪ ٽرانسپلانٽ لاءِ ڦڦڙن کي مڪمل طور ڪپي کولڻو ناهي پوندو پر سرجري جو عمل ڪجهه ڪٽس ذريعي مڪمل ڪيو ويندو آهي.
ڊاڪٽر اسٽيفني چينگ ۽ سندس ٽيم ٻنهي ڦڦڙن جي روبوٽڪ آپريشن لاءِ ڊاونچي 11 نالي روبوٽ استعمال ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.