احتجاجين وٽ اهڙا هٿيار آهن، جيڪي رڳو پوليس وٽ هوندا آهن: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پي ٽي آءِ جي احتجاج کي دهشتگردي جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته مختلف جاين تي پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي، 20 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو زخمي ٿيڻ افسوسناڪ آهي، پي ٽي آءِ جو احتجاج دهشتگردي جي ڪوشش آهي.
هن چيو ته احتجاج ڪندڙن وٽ شارٽ مشين گن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس، چاقو ۽ ماسڪ وغيرا به ڏٺا ويا، اهڙا هٿيار استعمال ٿيا، جيڪي رڳو پوليس وٽ هوندا آهن، هڪ صوبي جي پوليس جو ٻئي صوبي تي حملو قومي يڪجهتي کي چٿڻ برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.