لاگوس( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ نائيجيريا، آئيوري ڪوسٽ کي 264 رنسن جي وڏي مارجن تان مات ڏئي ڇڏي.
سب ريجنل آفريڪا ڪواليفائر جي پنجين ميچ گروپ سي جي ٽيمن نائيجيريا ۽ آئيوري ڪوسٽ وچ ۾ نائيجيرين شهر لاگوس ۾ کيڏي وئي.
نائيجيريا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڪنهن به ٽيم سڀ کان گهٽ اسڪور جو نئون رڪارڊ ٺاهي ورتو.
نائيجيريا خلاف آئيوري ڪوسٽ جي ٽيم 7 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، آئيوري ڪوسٽ جا ست بيٽرز کاتو به نه کولي سگهيا.
ان کان اڳ نائيجيريا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 271 رنسون ٺاهيو جنهن ۾ سليم 112 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي.
واضح رهي ته آئيوري ڪوسٽ اولهه آفريڪا جو هڪ ملڪ آهي.
You might also like