عمران خان سان مليس، سندس احتجاج جو سڏ فائنل آهي: بيرسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته منهنجي عمران خان سان اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ هن احتجاج کي فائنل ڪال ئي قرار ڏنو.
عمران خان سان بيرسٽر گوهر ۽ بيرسٽر سيف جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ٿي، جيڪا تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي.
پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته منهنجي اهم ملاقات ٿي آهي، پي ٽي آءِ باني جو احتجاج جو سڏ فائنل آهي ۽ ڪال آف واري ڳالهه ناهي.
ڳالهين بابت سوال تي هن چيو ته ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان بابت توهان کي ٻڌائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.