پرٿ (ويب ڊيسڪ) ڀارت بارڊر – گواسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي 295 رنسن تان شرمناڪ شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ هڪ، ٻڙي جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ڀارت آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ 534 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏنو، جنهن جي جواب پوري آسٽريلوي ٽيم 238 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڀارتي ڪپتان جسپريت بمرا کي ميچ ۾ اٺ وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پرٿ ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ڀارت جي پوري ٽيم 150 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، ڀارتي بالرن ڪينگروز بيٽرز کي به هٿ کولڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ آسٽرليا جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 104 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ميچ جي ٻي اننگز ۾ ڀارتي بيٽرن شاندار واپسي ڪندي آسٽريلوي بالرن کي بيوس بڻائي ڇڏيو، اوپنر يشسوي جئسوال 161 رنسن ٺاهي ميچ جو ٽاپ اسڪورر رهيو.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهليءَ به ميچ ۾ سينچري ٺاهي پنهنجو رٺل فارم بحال ڪري ورتو، هن سئو رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ٻي اننگز ڀارت 487 رنسون ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ 534 رنسن جو هدف ڏنو.
جواب ۾ آسٽريلوي اننگز جي شروعات انتهائي مايوس ڪندڙ رهي، ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين رڳو 12 رنسن تي ٽي آسٽريلوي رانديگر پويلين موٽي چڪا هئا.
آسٽريليا طرفان ٽريوس هيڊ کانسواءِ ڪو به بيٽر وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو، هيڊ 89 رنسن ٺاهي جسپريت بمرا جو شڪار بڻيو، مچل مارش 47 رنسون ٺاهيون کيس ڊيبيو ڪندڙ نتيش ڪمار ريڊي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
چوٿين ڏينهن سموري آسٽريلوي ٽيم 238 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ ڇهه ڊسمبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي.
واضح رهي ته ڀارت جيڪڏهن سيريز 1-4 تان کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو ته هو ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو.
You might also like