راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان، سندس گهرواري بشريٰ بي بي، ڀيڻ عليمه خان ۽ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن خلاف دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
عمران خان ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ٽيڪسلا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي سميت 13 قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ڪيس ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي، شهريار رياض، حماد اظهر، اسد قيصر ۽ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان عليمه خان ذريعي عوام کي 24 نومبر جي احتجاج جو پيغام ڏنو، بشريٰ بي بي 19 نومبر جي وڊيو پيغام ۾ ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ جو چيو، جوابدارن پرتشدد احتجاج ڪري شهرين جون زندگيون خطري ۾ وڌيون ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوابدارن رياستي ادارن خلاف نعرا هنيا ۽ عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو.
عمران خان، بشريٰ بي بي، علي امين سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل
You might also like