خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻه مختلف ڪارروائيون ڪندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب خيبر ضلعي جي علائقي باڙا ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد حق يار آفريدي عرف خيبري ۽ گلا جان مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ٻئي واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ افغانستان مان دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.