اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سڀاڻي انٽرنيٽ سروس بند رهندي.
وفاقي گهرو وزارت جي ذريعن موجب اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فون نيٽ ورڪ کليل رهندا پر انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ بند هوندي، جڏهن ته وڏن شهرن ۾ به انٽرنيٽ سروس بند هوندي.