لاهور (ويب ڊيسڪ ) بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف مخالف ٽيم کي واڪ اور ڏنو ويو.
بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سڀاڻي کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيو آهي، حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ سبب ڀارتي بلائينڊ ٽيم ايونٽ ۾ حصو ناهي وٺي رهي.
ٽورنامينٽ انتظاميا ايونٽ ميچز کي ري شيڊيول ڪرڻ بدران ڀارت خلاف رٿيل ميچن ۾ ٽيمن کي واڪ اوور ڏئي ڇڏيوآهي.
ان کانسواءِ 26 نومبر تي افغانستان ۽ 29 نومبر تي نيپال کي ڀارت خلاف شيڊيول ميچ ۾ واڪ اوور مليو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي حڪومت بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرن لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واڪ اوور ڇا آهي؟
واڪ اوور هڪ اصطلاح آهي جيڪا راندين ۾ استعمال ٿيندي آهي، جنهن تحت ڪنهن به ٽيم يا رانديگر طرفان ٽورمانيٽ ۾ حصو نه وٺڻ يا هٿ کڻڻ جي صورت ۾ مخالف ٽيم يا رانديگر کي بنا مقابلي فاتح قرار ڏنو ويندو آهي.
Next Post
You might also like