”ڇا آمريڪي ڪانگريس ميمبرن ڪڏهن فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خط لکيو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن طرفان جو بائيڊن کي خط لکڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو سڀني کي خبر آهي ته خط ڪنهن ۽ ڇو لکرايو آهي، خط اهي لکرائي رهيا آهن، جن جي ايجنڊا سدائين پاڪستان کي نقصان پهچائڻ آهي، اسرائيلي پئسو استعمال ڪري پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان ۾ اسرائيل جو اثاثو آهي، ڇا آمريڪي ڪانگريس ميمبرن ڪڏهن فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خط لکيو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.