لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي اخبار گارڊين ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ڪنهن به قسم جي ڊيل نه ٿيندي.
پي ٽي آءِ باني طرفان فوج جي قيادت سان ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪرڻ کانپوءِ سينيئر فوجي ذريعن برطانوي رسالي سان ڳالهائيندي چيو ته فوج پي ٽي آءِ باني سان ڳالهيون يا معاهدو ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي.
برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب، پي ٽي آءِ باني ڪجهه مهينن کان فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ هن غير مشروط ڳالهين جي آڇ به ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي آزادي لاءِ فوج سان ڊيل جي ڪوشش ڪئي هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانوني ٽيم ذريعي گارڊين طرفان پڇيل سوالن جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته جيل وڃڻ کانپوءِ فوج سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي پر هو ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ کان انڪار نه ڪندو.
عمران خان جو چوڻ هو ته فوج سان ڳالهه ٻولهه ڪنهن ذاتي فائدي جنهن سبب پاڪستان جي جهموري قدرن کي نقصان پهچي بابت نه هوندي پر ڳالهين دوران اصولن ۽ عوام جي مفاد کي ترجيح ڏني ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي اصولن تي سوديبازي ڪرڻ بدران سموري حياتي جيل ۾ گهارڻ پسند ڪندو.
پنهنجي خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ واري معاملي کي کِل جوڳو قرار ڏيندي عمران خان چيوته فوجي عدالت ۾ عام شهرين تي ڪيس هلائڻ جو سبب رڳو اِهو آهي ته ٻي عدالت مون کي ڏوهاري قرار نه ڏيندي.