حڪومت وي پي اين جي بندش لاءِ پي ٽي اي کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)گهرو وزارت غير قانوني وي پي اين بند ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي خط لکي ڇڏيو.
گهرو وزارت طرفان پي ٽي اي کي خط ۾ چيو ويو ته دهشتگرد وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، وي پي اين ذريعي دهشتگردن کي بينڪ ٽرانزيڪشن ۽ دهشتگردي لاءِ مدد ملندي آهي.
گهرو وزارت موجب، دهشتگرد پنهنجي سڃاڻپ ۽ رابطي کي لڪائڻ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته وي پي اين کي فحش ۽ توهين جوڳي مواد لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.