لاهور (ويب ڊيسڪ ) خوبرو اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن مرد وٽ پئسو ۽ تميز آهي ته چار شاديون ڪري سگهي ٿو.
ويجهڙائي ۾ اداڪارا حرا سومرو هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران مردن جي ٻي شادي جي حق ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال جون جذباتي مالي گهرجون پوريون ڪري رهيو آهي ۽ ٻي شادي جو ارادو رکي ٿو ته عورت کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا موجب، عورت کي ڪنهن به ريت مرد تي نه ڀاڙڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هو چئن شادين جو ارادو رکي ٿو کيس ان جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.
حرا سومرو چيو ته جيڪڏهن سندس مڙس ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ سندس ۽ ٻارن جون گهرجون پوريون ڪري ٿو ته کيس ان فيصلي تي ڪو به اعتراض يا ڏک محسوس نه ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو جيڪڏهن اسلام مردن کي چئن شادين جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ زالون کين نٿيون روڪي سگهن.
You might also like