لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ماهوار پگهار هڪ هزار ڊالر جي برابر ڪرڻ جي انوکي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته گهٽ کان گهٽ اجرت 37 هزار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر ڪرڻ جي درخواست فهميد نواز ايڊووڪيٽ داخل ڪئي.
درخواست ۾ وزيراعظم ۽ سڀني وڏن وزيرن کي ڌر بڻايو ويو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي پر پاڪستان جي ليبر قانون ۾ فوري طور ترميم جي ضرورت آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اها تصديق ٿيل ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ هر هنڌ غربت آهي، پگهارن ۾ واڌ سان شهرين جي خريداري جي قوت وڌندي، جنهن سان عالمي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ايندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عدالت پاڪستان ۾ هڪ هزار ڊالر جي برابر ماهوار پگهار مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري.
Prev Post
You might also like