آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ پيٽروليم شين تي جنرل سيلز ٽيڪس لڳائڻ ۽ مني بجيٽ جو امڪان ختم ٿي ويو.
ايف بي آر ذريعن موجب ڪا مني بجيٽ نه ايندي، 12 هزار 970 اربن جو هدف برقرار رهندو، جڏهن ته پيٽروليم شين تي جنرل سيلز ٽيڪس به نه لڳايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف طرفان ٽيڪس اوڳاڙين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، ڳالهين ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 8.8 سيڪڙو مان وڌئي 10.3 سيڪڙو ٿي وئي، آءِ ايم ايف ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ۾ 1.5 سيڪڙو بهتري تي مطمئن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.