ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز جي اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن مڙس منهنجون ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪري ۽ خيال رکي ته ان جي ٻي شادي ڪرڻ سان ڪو مسئلو ناهي.
تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي حرا سومر مردن جي ٻي شادي جي حق ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال جون جذباتي ۽ مالي ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي ۽ ٻي شادي جو ارادو رکي ٿو ته عورت کي ان تي اعتراض نه هجڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو مرد ٻي شادي جو فيصلو ڪري ٿو ۽ زال ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو ته اعتراض يا ڏک نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته مڙس سار سنڀال ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسلام 4 شادين جي اجازت ڏني آهي ته گهر واريون نه ٿيون روڪي سگهن.
Next Post
You might also like