شير افضل مروت جو پارٽي ۾ ڌڙابندي جو انڪشاف

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي ۾ ڌڙابندي جو انڪشاف ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته پارٽي ۾ مرڪزي سطح تي گروپ ٺهيل آهن، جن ۾ شامل ماڻهو گهرن ۾ ويهي رڳو مرڪزي قيادت تي سوشل ميڊيا ذريعي تنقيد ڪندا آهن ۽ نااميدي پيدا ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور جو به گروپس بابت بيان آيو آهي، اهي ماڻهو پارٽي لاءِ ڪجهه ناهن ڪندا بس گهرن ۾ ويهي سوشل ميڊيا ذريعي تنقيد ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته پنجاب پوليس جي روڪڻ سبب صوابي جلسي ۾ دير سان پهتس ۽ تقرير نه ڪري سگهيس پر ماڻهو ان کي غلط رنگ ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.